صارم همداني

صارم همداني: محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. جڏهن راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم آمهون سامهون ٿيا، تڏهن محمد بن قاسم پنهنجي خاص جنگي ماهر صارم همداني کي جهنڊو هٿ ۾ ڏئي لشڪر جي آڏو بيهاريو ۽ جڏهن جنگ شروع ٿي تڏهن صارم همداني پنهنجي لشڪر کي وٺي مها راجا ڏاهر جي لشڪر سان وڙهڻ لڳو. جنگ کان پوءِ جئسينه بن ڏاهر ويڙهه ڪندو رهيو. اهو ڏسي محمد بن قاسم صارم همداني کي لشڪر ڏئي جئسينه جي ويڙهه کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر جيستائين صارم همداني جئسينه جي ويجهو پڄي، تيستائين هو سنڌ جي حدن مان نڪري چڪو هو ۽ صارم همداني واپس اچي محمد بن قاسم کي سڄي ڳالهه کان آگاهه ڪيو.


لفظ صارم همدانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو